شبنم موتي

شبنم موتي

شبنم موتي

شبنم موتي: ليکڪه، شاعره، چترڪار ۽ راندين جي چيمپئن شبنم موتي، لاڙڪاڻي جي سڄاڻ سياسي خاندان ۾ اک کولي. سندس والد قاضي عبدالمنان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو ڀاڻيجو هو ۽ 1953ع کان 1955ع تائين سنڌ حڪومت جي پبلڪ ورڪس کاتي جو وزير رهيو.
شبنم موتيءَ جو اصل نالو صبيحه شبنم آهي. هن 11 سيپٽمبر 1956ع تي ڪوئيٽا ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي پي. وي اسڪول ۽ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فار مين ۽ پگٽ ميموريل هاءِ اسڪول ۾ ورتائين، گورنمينٽ گرلس اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ، گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ۽ ڪراچيءَ مان پرائيوٽ بي. اي ڪيائين. هن ٻاراڻي عمر ۾ پهرين ڪهاڻي خادم وطن اخبار جي ٻارن جي صفحي ‘سگهڙين سٿ ’ لاءِ لکي. تنهن کانپوءِ 1971ع کان 1975ع تائين سندس ڪهاڻيون، شاعري ۽ ٻيون لکڻيون تسلسل سان مختلف رسالن: اڳتي قدم، اديون، برسات، مارئي، ملير ڊائجسٽ، آدرش وغيره ۽ هلال پاڪستان اخبار جي عورتن جي صفحي ۾ شايع ٿينديون رهيون. سنڌي قوم سان ٿيندڙ زيادتين کي ننڍپڻ ۾ محسوس ڪندي شبنم ۾ سياسي سجاڳي پيدا ٿي. هي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ جي شاگردياڻي هئي، تڏهن ڪن مضمونن کي پاڙهڻ لاءِ سنڌي سيڪشن جي شاگردياڻين کي ڪا به ماسترياڻي مهيا ڪري نه ڏني وئي، ان ٻه اکيائيءَ خلاف سالياني امتحان ۾ احتجاج طور هن انهن پيپرن جو بائيڪاٽ ڪرايو.
گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فرسٽ ايئر ۾ ڪاليج يونين جي اليڪشن ۾ شبنم جوائنٽ سيڪريٽري ڪاليج جي سالياني فنڪشن ۾ قسم کڻڻ واري تقريب لاءِ شبنم رِٿ ڏيندي زور ڀريو ته هن ڀيري سنڌيءَ ۾ قسم کڻايو وڃي، جنهن تي يونين ۾ چونڊجي آيل غير سنڌي شاگردياڻيون ۽ ليڪچررس سخت مخالفت ڪرڻ لڳيون، جنهن تي شبنم ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائي ڇڏيو. جنهن بعد کيس DPR تحت ٽن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. آواز اٿارڻ تي شبنم ۽ سندس ڀيڻ خلاف گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا، بعد ۾ ريسٽيڪيشن جو آرڊر واپس وٺي سندس داخلا بحال ڪئي وئي.
شبنم موتي هڪ سٺي چترڪار به آهي. پاڻ ڪيترين سنڌي اديبائن جا خاڪا ٺاهي هلال پاڪستان جي ‘سگهڙين سٿ ’ صفحي ۾ ڇپرايائين ۽ ان زماني جي اڪثر رسالن جا سرورق به ڊزائين ڪري ڏيندي هئي، جن ۾ ‘اديون’ رسالو سرفهرست هو.
تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شبنم ڪجهه سال پي. آءِ. اي ۾ ايئر هوسٽس جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪجهه وقت پي. ٽي. وي جي سنڌي پروگرامن جهڙوڪ: سوجهرو، مهراڻ ميگ وغيره ۾ ميزبانيءَ جا فرض پڻ سرانجام ڏنا. هيءَ 1992ع کان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان لاڳاپيل رهي آهي. سگا خواتين شاخ ۾ ڪيترائي سال جنرل سيڪريٽري ۽ نائب صدر رهي مختلف کيترن ۾ نمايان سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون اٿس. هن فيض احمد فيض جي ٻن ڪتابن: ‘صليبين مري دريچي مين/ فيض جا ايلس ڏانهن خط’ ۽ ‘خون دل ڪي ڪشيد/ دل جا چڪيا چاڪ’ جي عنوان سان ترجمو پڻ ڪيا آهن، جيڪي سنڌ ثقافت کاتي پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. شبنم جي شادي پروفيسر سليم ميمڻ سان ٿي. پاڻ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي.


لفظ شبنم موتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو